رانديون

پي سي بي جي جونيئر قومي سليڪشن ڪاميٽي ۾ تبديلين جو فيصلو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جونيئر قومي سليڪشن ڪاميٽي ۾ وڏي پيماني تي تبديلين جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ذريعن جو چوڻ آهي تھ جونيئر سليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ ميمبرن کي تبديل ڪرڻ جو رٿيو ويو آهي. جڏهن تھ جونيئر قومي سليڪشن ڪاميٽي جي نئين چيئرمين ۽ ميمبرن جي نالن جو اعلان 21 مئي کان اڳ ٿيندو. ذريعن ٻڌايو تھ سڄي ملڪ ۾ رٿيل انڊر 19 سٽي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن ٽورنامينٽ ۾ 14 ٽيسٽ ۽ 39 ون ڊي ميچ ٿيندا، جيڪي 21 مئي کان شروع ٿي رهيون آهن. ذريعن موجب سليڪشن ڪاميٽي جو مدو فيبروري ۾ ختم ٿي ويو آهي، جنهن جي مدي ۾ توسيع نھ ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي، جنهن بعد جونيئر سليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين سليم جعفر جون خدمتون ويمنز ٽيم حوالي ڪيون ويون آهن. هن وقت سليم جعفر سريلنڪا خلاف سيريز ۾ ويمنز ٽيم جي هيڊ ڪوچ جي معاونت ڪندو، جنهن جي سمري پي سي بي چيئرمين حوالي ڪئي وئي آهي، جنهن تي فيصلو رميز راجا ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button