رانديون

پاڪستان جو اڳوڻو ڪرڪيٽر منصور اختر فڪسنگ الزامن مان آجو

آئي سي سي پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر منصور اختر کي فڪسنگ الزامن مان آجو قرار ڏئي جاچ بند ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق آئي سي سي اينٽي ڪرپشن يونٽ جي عهديدار آمريڪا ۾ رهندڙ منصور اختر کي خط لکي جاچ بابت آگاهي بھ ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ منصور اختر مٿان 2019ع ۾ ڪامران اڪمل فڪسنگ جي ڏس ۾ ساڻس رابطو ڪرڻ جو الزام هينو هو، جنهن تي جاچ هلندڙ هئي. اينٽي ڪرپشن يونٽ جي سينيئر مينيجر اسٽيو رچرڊسن منصور اختر کي خط لکي ڄاڻ ڏني وئي آهي تھ، فڪسنگ جي چارج ناهي لڳائي وئي، تنهنڪري الزامن بابت جاچ کي ختم ڪيو ويو آهي. خط موجب مستقبل ۾ جيڪڏهن ڪي نوان ثبوت سامهون آيا تھ هن ڪيس کي ٻيهر کوليو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button