سريلنڪا ۾ وڳوڙن باوجود آسٽريليا ٽيم موڪلڻ واري پنهنجي ڪيل فيصلي تي قائم آهي. آسٽريلوي ميڊيا مطابق ڪولمبو ۽ ٻين شهرن ۾ حالتون خراب ٿيڻ بعد ڪرڪيٽ آسٽريليا صورتحال کي نئين سر جاچڻ جو رٿيو آهي. جڏهن تھ اڃا تائين بورڊ آفيشلز دورو شيڊول مطابق ڪرڻ تي متفق آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ آسٽريلوي ٽيم ڪولمبو ۾ 16 ڏينهن ترسڻ دوران 3 ٽي 20، 5 ون ڊي ۽ 2 ٽيسٽ ميچ کيڏڻ جو شيڊول ٺاهيو آهي، جن مان ٽي 20 ميچ 7 جون کان شروع ٿيندا، ون ڊي ميچ 14 جون کان ٿيندا ۽ اهڙي ريت ٻھ ٽيسٽ پڻ کيڏيا ويندا. ٻڌايو وڃي ٿو تھ، ڪرڪيٽ آسٽريليا جو سيڪيورٽي وفد مهينو اڳ دورو بھ ڪري چڪو، جنهن دوري جي حوالي سان معاملن کي ڪليئر قرار ڏنو هو. ڪرڪيٽ آسٽيليا جون اختياريون ٽيم جي دوري بابت پراعتماد آهن. سريلنڪا ۾ پيدا ٿيل صورتحال ۽ سيڪيورٽي وارن معاملن تي بورڊ جي نظر آهي، جيڪو جائزو وٺي رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close