رانديون

آسٽريلوي ٽيم حڪومتي صلاح باوجود سريلنڪا جو دورو ڪندي

آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا جي خراب صورتحال بابت حڪومت صلاح ملڻ باوجود سريلنڪا جو دورو ڪندي ۽ شيڊول ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي وئي. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽ آسٽريليا جي بيان ۾ چيو ويو آهي تھ ٽيم جو دورو طئي آهي، هن مرحلي تي ڪنهن بھ قسم جي تبديلي ناهي ٿي. بيان ۾ واضع ڪيو ويو آهي تھ سريلنڪا جي صورتحال تي اسان جي نظر آهي ۽ رانديگر توڙي آفيشلز معاملن جي آگاهي ڏيندا رهندا آهن. ياد رهي تھ آسٽريلوي حڪومت بورڊ کي ٽيم جي دوري بابت نظرثاني ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button