رانديون

رميز راجا جي خرچن جا تفصيل 8 مهينن کان جاري نھ ٿيا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا جي خرچن جا تفصيل 8 مهينن کان جاري نھ ڪيا ويا آهن. ميڊيا مطابق احسان ماني سميت اڳوڻن چيئرمينن جي ماهورار خرچ جاري ڪرڻ واري روايت کي موجودا چيئرمين جي اچڻ بعد روڪيو ويو آهي، ان کان اڳ چيئرمين جا ماهوار خرچ پي سي بي جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيا ويندا هئا. جڏهن تھ سيپٽمبر 2021ع ۾ عهدو سنڀالڻ بعد رميز راجا خرچن جا شروعاتي تفصيل جاري ڪرڻ بعد اهو سلسلو بند ڪيو ويو آهي. پي سي بي جي ذريعن موجب خرچ جاري ڪرڻ جو سلسلو رميز راجا جي روڪڻ تي بند ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ قانوني طور خرچ جاري ڪرڻ لازمي ناهي، چيئرمين جو اختيار آهي تھ تفيصل ڏئي يا روڪي، موجودا چيئرمين نٿو چاهي تھ تفيصل جاري ٿين. هوڏانهن اڳوڻي چيئرمين احسان ماني جو چوڻ آهي تھ، بورڊ کي پيسا رانديگرن لا ملندا آهن، اهي ميمبرن جي خرچ جا ناهن هوندا آهن، ان ۾ شفافيت هجڻ کپي، جيڪڏهن خرچ جاري نھ پيا ڪيا وڃن تھ اهو افسوسناڪ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button