رانديون

نشام ڊراپ ۽ پٽيل واپس، نيوزيلينڊ جي 20 ڪرڪيٽرن کي اسينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏيڻ جو اعلان

نيوزيلينڊ جي 20 ڪرڪيٽرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ جيمس نشام کي ڊراپ ڪيو ويو آهي. جڏهن تھ گذريل سال رهجي ويل ليگ اسپنر اعجاز پٽيل ڪانٽريڪٽ لسٽ ۾ واپس اچي ويو آهي. ميڊيا مطابق نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ نئين ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت روز ٽيلر جي رٽائرمينٽ بعد آل رائونڊر مائيڪل براسويل کي بھ سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو آهي. جڏهن تھ مارٽن گپٽل، ميٽ هينري، ٽرينٽ بولٽ، ٽام بلينڊل، ڊيون ڪونوي، ڪولن ڊي گرانڊهوم، لوڪي فرگوسن، ڪائلي جيميسن، ٽام ليٿم، هينري نڪولس، ڊيرل مچل، گلين فلپس، آئش سوڌي، ول ينگ، ڪين وليمسن، مچل سانٽر، ٽم سائودي ۽ نيل واگنر کي بھ سينٽرل ڪانٽريڪٽ ملي ويو آهي. هوڏانهن ٽيم جي هيڊ ڪوچ گيري اسٽيڊ جو چوڻ آهي تھ، خوشي آهي تھ، اعجاز پٽيل هڪ سال جي وٿي بعد ڪانٽريڪٽ ماڻيو، سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي لسٽ ڏکيو ڪم هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button