رانديون

پاڪستان ۾ چيمپيئنز ٽرافي جا ميچ ٽن شهرن ۾ ڪرائڻ تي غور

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ۾ آئي سي سي چيمپيئنز ٽرافي جا ميچ ٽن شهرن ۾ ڪرائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ملڻ بعد پي سي بي جي خواهش آهي تھ ايونٽ جا ميچ ٽن ڌار ڌار شهرن ۾ ڪرايا وڃن. ذريعن موجب پي سي بي ايونٽ جي حوالي سان انفرا اسٽرڪچر تيار ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏي، جنهن جي ڏس ۾ انفرا اسٽرڪچر ڪاميٽي بھ جوڙڻ جو فيصلو ٿيو آهي، جنهن ۾ 2 ميمبر گورننگ بورڊ مان شامل ڪيا ويندا. جڏهن تھ پي سي بي ميمبرن کي جلد تجويزون ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button