انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 15 سيپٽمبر تي پاڪستان ايندي، پر امڪان آهي تھ ٽي 20 فارميٽ جا اهم رانديگر نھ ايندا. پرڏيهي ميڊيا موجب آسٽريليا ۾ رٿيل ورلڊ ڪپ جي مقابلن کان اڳ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ مهمان ٽيم سان گڏ ٽي 20 جا اهم رانديگر پاڪستان نھ اچڻ جو خدشو بھ موجود آهي، ڇوتھ مسلسل کيڏڻ سبب کين آرام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هوڏانهن انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي عهديدارن جو چوڻ آهي تھ ڏکڻ آفريقا خلاف هوم سيريز جي پڄاڻي کان 72 ڪلاڪن بعد ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي. ٻئي پاسي انگلينڊ جي ٽيسٽ ڪپتان بين اسٽوڪس چيو آهي تھ، انگلش ٽيم جو شيڊول تمام گهڻو مصروف آهي، تنهنڪري بورڊ کي ان معاملي تي نظرثاني ڪرڻ کپي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close