پاڪستان، نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ ٽي 20 سيريز ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ڄاڻايل ٽي 20 سيريز سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن جي تاريخن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي آپريشن چيئرمين جلال يونس ايونٽ ٿيڻ جي باقاعدا تصديق ڪري ڇڏي آهي. هن جو چوڻ آهي تھ بنگلاديش ٽھ ملڪي سيريز کيڏي رهيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ شامل آهن. هن ٻڌايو تھ سيريز جي تاريخن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو، پر امڪان آهي تھ آسٽريليا ۾ رٿيل هلندڙ سال ٽي 20 ورلڊ ڪپ مقابلن کان اڳ ٽھ ملڪي سيريز سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ ٿيندي
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close