رانديون

شعيب اختر جو بالنگ ايڪشن غير قانوني آهي:وريندر سهواڳ

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز :ل شو “هوم آف هيروز” جي ميزبان سنجي منجريڪر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وريندر سهواڳ راولپنڊي ايڪسپريس شعيب اختر جي بالنگ ايڪشن کي غير قانوني قرار ڏنو. شو جون ڪجهه جھلڪيون سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي مداحن سان شيئر ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ اڳوڻي ڀارتي اوپنر سهواگ جو چوڻ هو ته شعيب اختر بالنگ دوران هٿ لڪائي ڊوڙندو هو، سندس ايڪشن ۾ ڪجهه سوئنگ به هو. هن چيو ته شعيب اختر کي به خبر هئي ته سندس بالنگ ايڪشن غير قانوني هو. وريندر سهواگ جو چوڻ هو ته بريٽ لي جو هٿ سڌو هو ۽ اهو ئي سبب آهي جو کيس سمجهڻ ايترو ڏکيو نه هو پر شعيب جي خلاف توهان اندازو نٿا لڳائي سگهو ته بال ڪٿان ايندو ۽ ڪيڏانهن ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button