ترڪي جو باڪسر موسيٰ يامڪ باڪسنگ جي هڪ چيمپيئن شپ دوران دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق جرمني جي شهر ميونخ ۾ ٿيندڙ باڪسنگ جي چيمپيئن شپ دوران ترڪي جي موسيٰ يامڪ يوگنڊا جي باڪسر حمزا وينڊيرا سان مقابلو ڪري رهيو هو تھ، کيس دل ۾ تڪليف محسوس ٿيو، جيڪو بروقت ئي فوت ٿي ويو. جڏهن تھ موسيٰ يامڪ کي اتنظاميا اسپتال پهچايو، پر ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪري ڇڏي. هوڏانهن ترڪ عهديدار بيان ۾ ڄاڻايو آهي تھ اسان موسيٰ اسڪان يامڪ کي وڃايو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close