نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جو دورو اوچتو ختم ڪرڻ واري پنهنجي غلطي تسليم ڪري ورتي آهي، جنهن بعد پي سي بي معاوضو پڻ ادا ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جو پي سي بي کي ادا ڪيل معاوضو آمريڪي ڊالرز ۾ ٻڌايو وڃي ٿو، پر ان جا تفصيل سامهون نھ آندا ويا آهن. جڏهن تھ نيوزيلينڊ بورڊ اضافي 5 ٽي 20 ۽ 5 ون ڊي ميچ کيڏڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو شيڊول ڊسمبر ۽ جنوري ۾ رٿيل آئي سي سي ون ڊي ميچ ٿيڻ بعد جاري ٿيندو. ذريعن موجب پاڪستان معاوضو ملڻ بعد ٽھ ملڪي سيريز ۾ شرڪت جي دعوت قبولي ورتي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close