ننڍي کنڊ ۾ 52 ورهين تائين ناقابل شڪست رهندڙ ليجنڊ ريسلر گاما پهلوان کي گوگل ڊوڊل زبردست ڀيٽا پيش ڪئي آهي. ميڊيا مطابق گاما پهلوان جي 144 سالگرهه جي موقعي تي گوگل ڊوڊل ذريعي کيس ڀيٽا پيش ڪئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ غلام حسين عرف گاما پهلوان هندستان سميت سڄي دنيا ۾ پاڻ مڃايو هو.
22 مئي 1878ع ۾ جنم وٺندڙ گاما پهلوان 10 ورهين جي عمر ۾ ناميارن پهلوانن کي شڪست ڏني، بعد ۾ بھ کيس ڪنهن نھ هارايو. 1910ع ۾ زيبسڪو کي شڪست ڏئي گاما پهلوان رستم زمان جو اعزاز ۽ سونو بيلٽ کٽيو. جڏهن تھ گاما پهلوان جي کاڌي ۾ 15 ليٽر کير، 3 ڪلو مکڻ، ٻاڪرو گوشت، 20 پائونڊ بادام ۽ ٽي ٽوڪريون ميوات شامل هئا.