فرانس سان لاڳاپيل مشهور فٽبالر ڪيليان ايم باپي فٽبال ڪلب پي ايس جي سان 3 سالن جو معاهدو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد هو مهانگو ترين فٽبالر بڻجي ويو آهي. ميڊيا مطابق فرانسي فٽبالر ڪيليان ايم باپي ريال ميڊرڊ جي آڇ کي ٿڏي پي ايس جي سان وڏو معاهدو ڪيو آهي، جنهن بعد معاهدي تحت پي ايس جي ايم باپي کي ماهوار 4 ملين پائونڊ جي ادائيگي ڪندو، جنهن سان ايم باپي وٽ سالياني آمدني 48 ملين پائونڊ ٿي ويندي. هوڏانهن يورپي فٽبال ۾ هن معاهدي سان نئون تڪرار پيدا ٿي ويو آهي ۽ اسپينش ليگ لاليگا پي ايس جي خلاف ان معاهدي تي شڪايت داخل ڪرائي ورتي آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي تھ ٻن سالن کان خساري ۾ ڄاڻايل ڪلب رانديگر کي ايڏو وڏو معاوضو ڪئين ڏئي سگهي ٿو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close