رانديون

ايشيا هاڪي ڪپ ۾ جاپان هٿان پاڪستان کي شڪست

انڊونيشيا ۾ جاري ايشيا هاڪي ڪپ جي ايونٽ ۾ جاپان سخت مقابلي بعد پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق جڪارتا ۾ ايونٽ دوران جاپان 2 گولن جي ڀيٽ ۾ 3 گولن تان پاڪستان کي هارايو آهي. جڏهن تھ ميچ ۾ پاڪستان جي اعجاز احمد پهريون گول ڪيو، جنهن بعد ٻيو گول مبشر علي پينلٽي تي ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي. ميچ ۾ رانديگرن 2 ٻيا گول  ڪيا، پر ريفري انهن کي رد ڪري ڇڏيو. جڏهن تھ جاپان جي ريوما اوڪا، اڪيومي سيگي ۽ تاڪوما نيوا 3 گول ڪري ڪاميابي جو بنياد رکي ڇڏيو، جيڪو آخر تائين برقرار رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button