رانديون

سريلنڪا 506 رنسون ٺاهي ڇڏيون، بنگلاديش جا 34 تي 4 آئوٽ

سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش خلاف 506 رنسن جو وڏو جبل ٺاهي ڇڏيو آهي. جڏهن تھ بنگلاديش جا بيٽر ٻي اننگز ۾ رڳو 34 رنسن تي 4 اهم وڪيٽون وڃائي ويٺا آهن. ميڊيا مطابق ڍاڪا ٽيسٽ جي 4 ڏهاڙي اينجلو ميٿيوز 145 رنسن سان ڪريز تي موجود آهي. جڏهن تھ دنيش چنديمل 124 رنسون ٺاهي پوزيشن مضبوط ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن بنگلاديش جا بيٽر محمد الحسن جوائي 15، نجم الحسن شنٽو 2 رنسن تي آئوٽ ٿيا آهن ۽ تميم اقبال ۽ ڪپتان مومن الحق ٻڙي تي پويلين واپس ويا. بنگلاديش جو بالر عبادت حسين 4 وڪيٽون وٺي نمايان رهيو آهي. لٽن داس ۽ مشفيق الرحيم ڪريز تي موجود آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button