رانديون

هاڪي فيڊريشن جو صدر ۽ سيڪريٽري استعيفيٰ ڏين: رشيد الحسن

پاڪستان جي اڳوڻي اولمپئين رشيد الحسن مطالبو ڪندي چيو آهي تھ پاڪستان هاڪي فيڊريشن جو صدر ۽ سيڪريٽري استعيفيٰ ڏين. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ ايشيا ڪپ ۾ قومي هاڪي ٽيم جي ڪارڪردگي خراب رهي، تنهنڪري وزيراعظم شهباز شريف مامرن جو نوٽيس وٺي. هن چيو تھ ٽيم جي خراب پرفارمنس سبب منهنجي خيال ۾ موجودا صورتحال ۾ هاڪي مينيجمينٽ کي بھ عهدا ڇڏي ڏيڻ گهرجن. هوڏانهن ايشيا ڪپ مان نڪري ويل هاڪي ٽيم جڪارتا مان 3 جون تي واپس ڏيهه پهچندي، جنهن جي 2 هفتن بعد ٽريننگ بھ ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button