
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ويسٽ انڊيز خلاف هوم سيريز کي ملتان ۾ ڪرائڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي کي اڃا تائين حڪومت پاران ون ڊي سيريز جون ميچون پنڊي مان لاهور منتقل ڪرڻ جي باضابطا طور تي اڃا تائين ڪا لکت ۾ منظوري نھ ملي آهي، پر اصولي طور ملتان ۾ ميچون ڪرائڻ واري فيصلي سبب تيارين کي شروع ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ملتان اسٽيڊيم ۾ مرمت ۽ سينگارڻ وارو ڪم جاري آهي.