رانديون

ريال ميڊرڊ 14 ڀيرو يورپ جو چيمپيئن بڻجي ويو، ليورپول کي شڪست

اسپينش فٽبال ڪلب ريال ميڊرڊ 14 ڀيرو يوئيفا چيمپيئن شپ کٽي ورتي آهي ۽ مخالف ٽيم ليورپول کي شڪست ملي آهي. ميڊيا مطابق فرانس جي شهر پيرس ۾ کيڏيل يوئيفا ڪپ جي فائنل ۾ ريال ميڊرڊ جي وني جونيئر ميچ جو اڪيلو گول ٻئي هاف ۾ ڪيو. جڏهن تھ ليورپول جا رانديگر ٻنهي هافس ۾ گول ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، پر کين ڪاميابي نھ ملي سگهي.

يوئيفا جي فاتح ٽيم جو فٽبالر ڪپ کڻي خوشي ۾ جهومي رهيو آهي

هوڏانهن پهرين هاف ۾ ريال ميڊرڊ جي ڪريم بينزما جي گول واري ڪوشش ناڪام ٿي وئي، پر ٻئي هاف جي آخري لمحن ۾ وني جونيئر گول ڪري ڪاميابي ڏياري ڇڏي. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن جي گول ڪيپرن حملن کي روڪي راند کي دلچسپ بڻائي ڇڏيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ايونٽ ۾ اسپينش ڪلب چيمپيئن شپ کٽي يورپ جي ڪنگ طور پاڻ کي سامهون آندو، جنهن تي سڄي ملڪ ۾ جشن جهڙو ڏيک آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button