رانديون

گجرات ٽائيٽنس آئي پي ايل کٽي ورتي، راجسٿان رائلز کي شڪست

انڊين پريميئر ليگ جو نئون چيمپئن گجرات ٽائيٽنس بڻجي ويو آهي ۽ راجستان رائلز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ملي آهي. ميڊيا مطابق آئي پي ايل جو فائنل گجرات ٽائيٽنس ۽ راجسٿان رائلز جي وچ ۾ کيڏيون ويو، جنهن ۾ گجرات ٽائيٽنس جي آل رئونڊر هاردڪ پانڊيا 3 وڪيٽون وٺي ۽ 34 رنسون ٺاهي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. جڏهن تھ راجسٿان رائلز 9 وڪيٽن تي 130 رنسون ٺاهيون، جنهن جي موٽ ۾گجرات ٽائيٽنس 19 اوور ۾ 3 وڪيٽن تي هدف پورو ڪري ڪاميابي ماڻي ورتي. ميچ جي حوالي سان هاردڪ پانڊيا پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي ۽ جوز بٽلر 863 رنسن سان پليئر آف سيريز جو اعزاز حاصل ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button