رانديون

پاڪستان ۽ سريلنڪا جي رانديگرياڻين گڏجي ڊنر ڪيو

پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ويمن ٽيمن جي رانديگرياڻين گڏجي ڊنر ڪيو آهي، جنهن جون تصويرون پي سي بي شيئر ڪري ڇڏيون آهن. ميڊيا مطابق ڪراچي ۾ ترسيل پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ويمن ٽيمن ۾ شامل رانديگرياڻين ون ڊي سيريز کيڏڻ کان اڳ پاڻ کي مختلف حوالن سان مصروف رکيو آهي، جنهن دوران انهن ٻھ ڏينهن اڳ گڏجي شاپنگ پڻ ڪئي آهي. جڏهن تھ ٻنهي ٽيمن ۾ پهريون ون ڊي سڀاڻي کيڏيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button