رانديون

سريلنڪا ايشيا ڪپ 3 ڏينهن اڳ 24 آگسٽ کان ڪرائڻ خاطر تيار

سريلنڪا ايشيا ڪپ مقرر تاريخ کان 3 ڏينهن پهريان 24 آگسٽ کان ڪرائڻ خاطر تيار ٿي ويو آهي. ميڊيا رپورٽ مطابق ايشيا ڪپ پهرين 27 آگسٽ کان 11 سيپٽمبر تائين رٿيو ويو هو، پر ٻين ڪرڪيٽ بورڊز جي مشورن بعد تاريخ ۾ تبديلي ٿي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ، ايونٽ کي هاڻ 24 آگسٽ کان 7 سيپٽمبر تائين ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پر ان جو بورڊ پاران اڃا باضابطا اعلان نھ ٿيو آهي. سريلنڪن ميڊيا رپورٽ ڪيو آهي تھ، سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ کي پي سي بي سميت مخلتف بورڊز تاريخن ۾ ايڊجسٽمينٽ ڪرڻ جو چيو هو، جنهن جو فيصلو ڪرڻ بعد رٿيو ويو آهي تھ ايشيا ڪپ سريلنڪا ۾ ئي ٿيندو، جنهن سان پاڪستان کي انگلينڊ خلاف هوم سيريز جو مناسب وقت ملي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button