قومي وومينز ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا خلاف ون ڊي انٽرنيشنل سيريز جو پهريون ميچ 8 وڪيٽن کان کٽي آ سي سي رينڪنگ چئمپيئن شپ ۾ 2 پوائنٽ پنهنجي نالي ڪري ورتا آهن. آ سي سي رينڪنگ چئمپيئن شپ جو حصو وومينز انٽرنيشنل ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان ڪاميابي جي لا 170 رنسن جو حدف 41 هين اوور جي 5 بال تي حاصل ڪيو، 25 رنسن تي اوپنر منيبه علي 14 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي، جنهن بعد ڪپتان بسمه معروف ۽ سدرا امين ٻئي وڪيٽ جي لا 143 رنسن جي پارٽنر شپ ٺاهي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. 41هين اوور جي پهرين بال تي سدرا امين آئوٽ ٿي وئي، هن 118 بالن تي 7 چوڪن جي مدد سان 76 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڪپتان بسما معروف 101 بالن تي 62 رنسون ٺاهيون. ان کان پهرين سريلنڪا ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 47هين اوور 5 بال تي 169 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، سريلنڪا طرفان وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڪويشا دلهاري 49 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 5 چوڪا ۽ هڪ ڇڪو به شامل هو، پرساديني ويراڪ ڪوڊي 30، ڪپتان چماري اتاپو 25 ۽ نلاڪشي 16 رنسون ٺاهيون. باسيني پريرا ۽ هانسيماڪا رتنائي 12-12 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان غلام فاطمه بهترين بالنگ ڪندي 21 رنسن عيوض 4 وڪيٽون حاصل ڪيون. فاسٽ بالر فاطمه ثنا ۽ سعديه اقبال 2-2 رانديگرياڻين کي آئوٽ ڪيو. واضح رهي ته سريلنڪا آ سي سي رينڪنگ ۾ 10هين نمبر تي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close