رانديون

بريٽ لي ڀارتي فاسٽ بالر عمران جو مقابلو وقار يونس سان ڪري ڇڏيو

برسبين: آسٽريلوي فاسٽ بالر بريٽ لي نوجوان ڀارتي فاسٽ بالر عمران ملڪ جو مقابلو وقار يونس سان ڪري ڇڏيو. عمران ملڪ تازو آءِ پي ايل جي 14 ميچن ۾ 20 ڏهائي 18 جي​اوسط سان 22 وڪيٽون ورتيون آهن، سن رائزر حيدرآباد جي 22 سالن جي فاسٽ بالر 150 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان بالنگ ڪري سڀني کي متاثر ڪيو آهي. والاريل ڪشمير سان تعلق رکندڙ عمران ملڪ کي بريٽ لي وقار يونس وانگر قرار ڏنو آهي، جيڪو پنهنجي دور ۾ ريورس سوئنگ بالنگ ذريعي مخالف بيٽنگ لائن کي تباهه ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هو، بريٽ لي چيو ته عمران ملڪ کي ڏسي وقار يونس جو نالو سامهون اچي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button