لنڊن: ڏکڻ آفريڪا جو انڊر-19 ڪرڪيٽر مونڊلي خامالو انگلينڊ ۾ ٿيل حملي ۾ سخت زخمي ٿي پيو. پرڏيهي ميڊيا موجب 20 ورهين جي آفريڪي ڪرڪيٽر تي برج واٽر واري علائقي ۾ فري آرن اسٽريٽ تي هڪ ڪوٺي ٻاهران حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. برطانوي ميڊيا موجبمونڊلي خاملو تي حملي جي شڪ ۾ 27 سالن جي نوجوان کي گرفتار ڪيو ويو هو پر جاچ کانپوءِ آزاد ڪيو ويو.
ڪرڪيٽ واچ ڊاگ ويب سائيٽ ڪرڪ انفو موجب پرڏيهي رانديگر طور پنهنجي پهرين دوري تي برطانيا اچڻ واري نوجوان ڪرڪيٽر جي حالت خطري ۾ آهي. نارٿ پيٽرسن ڪرڪيٽ ڪلب جو چوڻ آهي ته ان کي پنهنجي پسنديده ڪرڪيٽر جي حملي ۾ زخمي ٿيڻ کان پوءِ اسپتال منتقل ڪرڻ تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي ۽ جلد صحتياب ٿيڻ جي اميد رکي ٿو. ڏکڻ آفريڪا جو انڊر 19 ڪرڪيٽر مونڊلي خاملو هن وقت تائين چار فرسٽ ڪلاس ميچون ۽ هڪ لسٽ اي ميچ کيڏي چڪو آهي.