رانديون

پاڪستان ايشيا هاڪي ڪپ ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏئي ڇڏي

جڪارتا: ايشيا هاڪي ڪپ جي پنجين پوزيشن جي ميچ ۾ پاڪستان، بنگلاديش کي 0-8 تان شڪست ڏئي ڇڏي. انڊونيشيا جي گادي واري هنڌ جڪارتا ۾ کيڏيل مينز ايشيا هاڪي ڪپ جي پنجين پوزيشن جي ميچ ۾ پاڪستان هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ بنگلاديش کي 0-8 تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان طرفان مبشر علي 2 جڏهن ته عبدالشاهد، افراز، رضوان علي، غضنفر علي، اعجاز احمد ۽ ڪپتان عمر ڀٽي هڪ هڪ گول ڪيو.

قومي ٽيم کي هاف ٽائيم تائين رڳو ٻن گولن جي برتري حاصل هئي پر ٽئين ڪوارٽر کان پاڪستان جارحاڻي انداز ۾ راند کيڏي ۽ ميچ جي پڄاڻي تائين 8 گولن جي برتري حاصل ڪري ورتي. ايشيا هاڪي ڪپ ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي شاندار هئي پر جاپان هٿان شڪست قومي ٽيم جو ورلڊڪپ تائين پهچڻ جو خواب چور ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته پاڪستان ايونٽ ۾ ڀارت سان ميچ ڊرا ڪئي هئي، انڊونيشيا کي ٻڙي جي مقابلي ۾ 5 گولن تان شڪست ڏني هئي، جڏهن ته جاپان هٿان 2-3 تان شڪست ملي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button