رانديون

پاڪستاني هاڪي ٽيم سوئٽزرلينڊ پهچي وئي، سامان دوحه وساري آئي

برلن: پاڪستاني ٽيم فائيو اي سائڊ هاڪي ٽورنامينٽ ۾ شرڪت لاءِ سوئٽزرلينڊ پهچي وئي. ذريعن موجب ڪنيڪشن فلائيٽ دوران پاڪستان هاڪي ٽيم پنهنجو سامان دوحه ايئرپورٽ تي وساري آئي، بيگز ۾ هاڪي اسٽڪ ۽ ٻيو ضروري سامان هو، جڏهن ته قومي ٽيم پولينڊ ۽ ڀارت خلاف ميچون شيڊيول ڪري چڪي آهي. هاڪي فائيو اي سائڊ ٽورنامينٽ 4 ۽ 5 جون تي سوئٽزرلينڊ ۾ کيڏيو ويندو، جنهن ۾ قومي ٽيمون پهريون ڀيرو ان فارميٽ ۾ حصو وٺنديون. پنج طرفي ٽورنامينٽ ۾ هر ٽيم پنج ميمبرن تي ٻڌل هوندي آهي، گرائونڊ ننڍو، 91 ميٽر ڊگهو ۽ 25 ميٽر ويڪرو هوندو آهي، جڏهن ته ميچ جو هر اڌ صرف 10 منٽن تائين هلندو آهي. ايونٽ جي پهرين ڏينهن پاڪستان جو مقابلو پولينڊ سان گڏ ڀارت سان ٿيندو، جڏهن ته ٻئي ڏينهن ميزبان سوئٽزرلينڊ ۽ ملائيشيا آمهون سامهون ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button