ڪولمبو: سدرا امين ۽ منيبا علي سريلنڪا خلاف ٻي ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان لاءِ پهرين وڪيٽ لاءِ سڀ کان وڏي پارٽنرشپ ٺاهي. پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم پهريون ڀيرو اوپننگ پارٽنرشپ ۾ سينچري اسڪور ڪئي ۽ ٻنهي شروعاتي بيٽسمينن وچ ۾ 158 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ٿي. سدرا امين ۽ منيب علي 213 بالن کي منهن ڏنو، جيڪا بالن جي لحاظ کان ٻنهي بيٽسمينن جي وچ ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڏي پارٽنرشپ آهي. ان کان اڳ پاڪستان طرفان جويريا خان ۽ ناهيده جي وچ ۾ 96 رنسن جي بهترين اوپننگ پارٽنرشپ هئي. اها مجموعي طور تي ڪنهن به پاڪستاني عورت جوڙي جي ٻي وڏي پارٽنرشپ آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close