رانديون

سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي فاسٽ بالر ملنگا کي ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو

ڪولمبو: سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي فاسٽ بالر لاسٿ ملنگا کي آسٽريليا خلاف سيريز لاءِ بالنگ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.ڪرڪ انفو موجب سريلنڪن بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻو فاسٽ بالر ملنگا آسٽريليا خلاف سيريز ۾ لنڪن ٽيم سان گڏ ڪم ڪندو ته جيئن رانديگرن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي سگهجي. بورڊ جو چوڻ آهي ته نوجوان ڪرڪيٽر، اڳوڻي فاسٽ بالر لاسٿ ملنگا جي وسيع تجربي ۽ ٽي-20 فارميٽ دوران ڊيٿ اوور ۾ بالنگ جي صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button