ايشيا ڪپ منتقل ٿيڻ سان سريلنڪا کي 50 لک ڊالر نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. ميڊيا مطابق سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه شمي سلوا ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي تھ، ايشيا ڪپ سريلنڪا مان منتقل ٿيڻ سان 50 لک ڊالرن جو نقصان ٿيندو، جيڪو اسان برداشت نٿا ڪري سگهون. هن ٻڌايو تھ ملڪ ۾ معاشي بحران سبب ايندڙ هر ڊالر اهميت رکي ٿو، تنهنڪري ايشيا ڪپ جي ميزباني سان بھ آمدني وڌندي. هن جو چوڻ هو تھ پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن جي ميزباني آمدني بابت اهم آهي، ڀارتي بورڊ سهڪار جي خاطري ڏني آهي. جڏهن تھ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري جئي شاهه خاطري ڏني تھ سڀ ٺيڪ رهيو تھ ميزباني سريلنڪا ڪندو. هن جو چوڻ هو تھ اسان جي ڪوشش آهي تھ ايشيا ڪپ جي ايونٽ جي ميزباني اسين ئي ڪيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close