مسوڀرڳڙي: مسوڀرڳڙي ڀرسان لطيف شاهه اسٽاپ ڳوٺ ھموپوٽا گرائونڊ تي 12 ٽيمن جي ٽورنامنٽ جي فائنل ميچ ۾ حاجاڻا اليون ۽ سولنگي اليون جي ٽيمن ۾ سخت مقابلو ٿيو، حاجاڻا اليون ٽيم جي رانديگرن ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو درست رھيو، پھرين بيٽنگ ڪندي مھراڻ حاجاڻا اليون جي ٽيم مقرر 10 اوورن ۾ 155 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جڏهن ته جواب ۾ سولنگي اليون ٽيم 10 اوورن ۾ 97 رنسون ٺاهي ڍير ٿي وئي. ان موقعي تي مھمان خاص سيد ڌڻي ڏنو شاھه، سيد مشتاق علي شاھه، سيد فواد شاھه، محمد سومار ھاليپوٽو ۽ ٻين انعام ورهايا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close