پاڪستان جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بسما معروف ۽ بالر طوبا حسن کي آئي سي سي جي پليئر آف دي منٿ ايوارڊ جي نامزدگين ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق آئي سي سي مئي مهيني جي ڏس ۾ نامزدگين جو اعلان ڪيو آهي، جن ۾ پاڪستان مان 2 نامزدگيون ٿيون آهن. جڏهن تھ جرسي جي نوجوان اڀرندڙ ويمن ڪرڪيٽر ٽرائنٽي سمٿ پڻ پليئر آف دي منٿ جي نامزدگين ۾ شامل آهي. هوڏانهن مينز ڪيٽيگري ۾ سريلنڪا جو اينجلو ميٿيوز، بنگلاديش مان مشفيق الرحيم ۽ سريلنڪا جي اسيٿا فرنينڊو کي نامزد ڪيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close