ويسٽ انڊيز جي 26 رڪني ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان پهچي وئي آهي، جيڪا اسلام آباد ايئرپورٽ پهتي، جتان انهن کي نجي اڏام ذريعي ملتان پهچايو ويو آهي. ميڊيا مطابق ويسٽ انڊيز جي ٽيم جي ملتان پهچڻ تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ملتان جي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ 14 سالن جي وڏي وٿي بعد عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي ٿيندي، جنهن جي تياري بھ مڪمل ڪئي وئي آهي. هوڏانهن پاڪستان جا رانديگر اڳ ئي ملتان پهچي چڪا آهن. جڏهن تھ مهمان ٽيم جا رانديگر اڄ ملتان ۾ شديد گرمي سبب ٽريننگ جا سيشن شام ساڍي 4 وڳي کان رات جو 10 وڳي تائين منعقد ڪندا.
پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن ۾ پهريون ون ڊي ميچ سڀاڻي کيڏيو ويندو، اهڙي ريت ٻيو ون ڊي 10 جون ۽ آخري ون ڊي 12 جون تي کيڏيو ويندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ويسٽ انڊيز آخري ڀيرو 1991ع ۾ پاڪستان کان ون ڊي سيريز کٽي هئي، جنهن کي نظر ۾ رکندي بابر اليون فتحن جو سلسلو برقرار رکڻ لا تياري ڪري ڇڏي آهي.