پاڪستان جي عالمي ايوارڊ کٽيندڙ رانديگرن سول ايوارڊ ڏيڻ جي سفارش ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق پنجاب اسپورٽس بورڊ رانديگرن جي حوصلي کي هٿي ڏيڻ لا سفارشون تيار ڪري ڇڏيون ۽ سندن نالن کي پڻ حتمي شڪل ڏني وئي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ، پيرا اولمپڪ ٽوڪيو ۾ پهريون ڀيرو گولڊ ميڊل کٽيندڙ حيدر علي، ريسلر انعام بٽ، جبل چاڙهو ڪاشف شهروز، سنوڪر چيمپيئن احسن رمضان، ايٿليٽ ارشد نديم ۽ ڪبڊي ورلڊ ڪپ کٽيندڙ شفيق چشتي کي سول ايوارڊ ڏيارڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. هوڏانهن پنجاب اسپورٽس بورڊ جي ترجمان موجب عالمي ايوارڊ کٽيندڙ رانديگرن کي سول ايوارڊ ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي، ڇوتھ اهي قومي هيرو آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close