رانديون

ملتان جي ڇتي گرمي ۾ اڄ پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز آمهون سامهون

ملتان جي ڇتي گرمي ۾ اڄ پهرئين ون ڊي ميچ  ۾ پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز آمهون سامهون ٿيندا. ميڊيا مطابق آئي سي سي ورلڊ ڪپ سپر ليگ سيريز جي ٽن ون ڊي مان پهرين ميچ شام 4 وڳي شروع ٿيندي. جڏهن تھ پاڪستاني رانديگر ون ڊي سيريز کٽڻ وارو 31 سالن جو رڪارڊ برقرار رکڻ جي عزم سان راند کيڏندا، جنهن جي موٽ ۾ ويسٽ انڊيز بھ سيريز کٽڻ جو عزم ڪري ورتو آهي، جنهن ڪارڻ ٻنهي پاسن کان مضبوط پلئينگ اليون کيڏائي ويندي. هوڏانهن ملتان جي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ميزبان ۽ مهمان رانديگرن پريڪٽس ڪري موسم جو مشاهدو بھ ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button