رانديون

جبل چاڙهو شهروز ڪاشف سول ايوارڊ لا نامزد، ايوان صدر اچڻ جي دعوت

لاهور: جبل چاڙهو شهروز ڪاشف کي ايوان صدر جي دعوت ڏني وئي آهي. شهروز ڪاشف جي والد چيو ته شهروز کي 13 جون تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات جي دعوت ملي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پٽ لاءِ ڪا به اسپانسر شپ نه هئي. ياد رهي ته 20 ورهين جو شهروز ڪاشف ٽن هفتن ۾ 3 چوٽيون سر ڪرڻ بعد نيپال کان لاهور واپس آيو آهي، هو هن وقت تائين 8 هزار ميٽرن کان مٿي 7 چوٽيون سر ڪري چڪو آهي. ان کان علاوه شهروز ڪاشف کي مائونٽ ايورسٽ ۽ ڪي 2 تي چڙهڻ جو اعزاز حاصل آهي، جڏهن ته شهروز ڪاشف کي سول ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button