
ڪراچي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان، جو روٽ کي 10 هزار ٽيسٽ رنس مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان جو روٽ کي نيوزيلينڊ خلاف 10 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني، جڏهن ته انگلش ٽيم ڪيويز خلاف 5 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. يونس خان لکيو ته هڪ شاندار رانديگر لاءِ تمام گهٽ وقت ۽ ايتري ننڍي عمر ۾ ايڏو وڏو سنگ ميل حاصل ڪرڻ واقعي حيران ڪندڙ ڳالهه آهي. جو روٽ اليسٽر ڪڪ کانپوءِ ٻيو انگلش ڪرڪيٽر آهي جنهن نيوزيلينڊ خلاف 170 بالن تي 115 رنسون ٺاهيون.