رانديون

بابراعظم جي آ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ هڪ درجي جي ترقي

ڪراچي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابراعظم انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ هڪ درجو مٿي چڙهي چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي. آءِ سي سي ٽيسٽ رانديگرن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب آسٽريليا جو مارنس لبوشين پهرئين نمبر تي برقرار آهي. انگلينڊ جو جو روٽ بيٽرن رينڪنگ ۾ چوٿين کان ٻئين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته آسٽريليا جو اسٽيو سمٿ هڪ درجو ڦٽي ڪري ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي.

نيوزيلينڊ جو ڪپتان ڪين وليمسن ٻه درجا لهي پنجين نمبر تي اچي ويو آهي. بالرن جي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز پهرئين نمبر تي آهي، جڏهن ته ڀارت جو روي چندرن ايشوان ٻئين نمبر تي آهي. نيوزيلينڊ جو ڪائل جيميسن ٻه درجا مٿي چڙهي ٽئين ۽ ڀارت جو جسپريت بمرا هڪ درجو هيٺ ڪري چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي. پاڪستان جو شاهين آفريدي هڪ درجو هيٺ اچي پنجين نمبر تي آهي، جڏهن ته انگلينڊ جو جيمس اينڊرسن ٻه درجا مٿي چڙهي ستين نمبر تي اچي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button