
گڏيل عرب امارتن جي ويمن ٽيم ٽي 20 انڊر 19 ويمن ورلڊ ڪپ کيڏڻ خاطر ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق يو اي اي جي ٽيم ڪواليفائنگ مرحلي جي اهم مقابلي ۾ مخالف ٽيم ٿائيلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڪواليفائي ڪيو آهي. جڏهن تھ ڪواليفائي مرحلي جي رائونڊ ميچ ۾ نيپال 25 رنسن تان ميزبان ملائشيا کي شڪست ڏني آهي. اهڙي ريت هڪ ٻي رائونڊ ميچ ۾ قطر جي ويمن ٽيم ڀوٽان کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني آهي.