اسرائيل جي شهرين کي فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ جون ميچون ڏسڻ خاطر قطر اچڻ جي اجازت ملي وئي آهي. ميڊيا مطابق اسرائيل جي پرڏيهي وزير، دفاع واري وزير ۽ راندين واري وزير گڏيل بيان جاري ڪندي چيو آهي تھ فيفا جي اختيارين سان ڪيترن ئي مهينن تائين جاري ڳالهين جي نتيجي ۾ اسرائيلي ٽيم ۽ تماشائين کي قطر ۾ وڃڻ جي اجازت ملي وئي آهي، جنهن سان اهي قطر وڃي ايونٽ جو حصو بڻجي سگهندا. اسرائيل جي پرڏيهي وزير يائر لاپيڊ چيو آهي تھ نومبر ۾ ورلڊ ڪپ سبب قطر سان تعلقات جو نئون بابت کلندو، ڇوتھ راندين ۽ فٽبال سان محبت ماڻهن ۽ رياستن کي جوڙيندي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close