رانديون

ومبلڊن رانديگرن جو معاوضو وڌي 5 ڪروڙ 5 لک ڊالر ٿي ويو

دنيا جي مشهور ٽينس ٽورنامينٽ ومبلڊن رانديگرن جو معاوضو وڌائي 5 ڪروڙ 5 لک ڊالر ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو پاڪستاني رپين ۾ 10 ارب 20 ڪروڙ رپيا آهي. ميڊيا مطابق ومبلڊن جي اختيارين معاوضن ۾ تازي واڌ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن، جنهن تحت رانديگرن کي مالي طور مضبوط ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ مردن ۽ عورتن جي سنگلز جو معاوضو 15 سيڪڙو گهٽائي 25 لک ڊالر ٿي ويو آهي. ان کان اڳ سنگلز مقابلن ۾ شامل رانديگرن جو معاوضو 2019ع ۾ 15 سيڪڙو وڌيڪ مقرر ٿيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button