رانديون

ڪراچي جي پيرسن ويلڊر عالمي رڪارڊ ٺاهي ڇڏيو

ڪراچي جي پيرسن ويلڊر نسيم الدين عالمي رڪارڊ ٺاهي ڇڏيو آهي. جڏهن تھ کيس هن جي ٽئين نسل اهو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو آهي. ميڊيا مطابق 70 ورهين جي نسيم الدين هڪ مٺ ۾ 18 صوف ڀڃي گينز ورلڊ رڪارڊ ٺاهيو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ هن 13 صوفن جي مقابلي ۾ 18 صوف هڪ مٺ ۾ ڀڃي انگلينڊ جي رانديگر کي شڪست ڏني، جنهن بعد عالمي ورلڊ رڪارڊ اداري سندس اهو رڪارڊ تسليم ڪري ورتو آهي. پيرسن جو پٽ راشد مارشل آرٽ ۽ پوٽي فاطما بھ گنيز ورلڊ رڪارڊ ٺاهي چڪا آهن. جڏهن تھ ورلڊ رڪارڊ جوڙيندڙ اداري نسيم الدين کي عالمي رڪارڊ ٺاهڻ جا ٻھ سرٽيفڪيٽ پڻ جاري ڪيا آهن. پيرسن نسيم الدين جو چوڻ آهي تھ سڄي زندگي لوهه سان ڪم ڪيو، تنهنڪري منهنجا هٿ بھ لوهي ٿي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button