
لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي ويسٽ انڊيز خلاف آخري ون ڊي ميچ دوران موقعو ڏئي ون ڊي ۾ ڊيبو ڪرايو ويو آهي. ميڊيا مطابق ويسٽ انڊيز خلاف ٽئين ۽ آخري ون ڊي دوران شاهنواز ڏاهاڻي کي پليئنگ اليون ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن کي تيز بالر شاهين شاهه آفريدي کيس ڊيبو ڪيپ اچي پارائي آهي. جڏهن تھ شاهنواز ڏاهاڻي کي 28 نمبر واري شرٽ فراهم ڪئي وئي آهي.