ملتان: پاڪستان ويمين ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ رانديگرياڻي ثنا مير کي ملتاني انب کائڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي. پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽئين ميچ دوران ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ تماشائي جي پلي ڪارڊ سوشل ميڊيا صارفين جو ڌيان ڇڪايو آهي. ٽوئيٽر تي وائرل ٿيندڙ پوسٽر جي تصوير جنهن ۾ لکيل آهي ته “مان ثنا مير کي ملتان جا انب ڏيڻ چاهيان ٿو”.
اڳوڻي رانديگرياڻي پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي پوسٽ شيئر ڪندي مداح جو شڪريو ادا ڪيو. ثنا مير لکيو ته “توهان سمجھو ته مون کي هي شاندار انب ملي ويا آهن”. هن ملتان جي ماڻهن جو به شڪريو ادا ڪيو، جيڪي سيريز دوران وڏي انگ ۾ ميچ ڏسڻ آيا.