ملتان: ملتان انتظاميا ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا جعلي بليڪ اينڊ وائيٽ ٽڪيٽن جي خريداري ۽ وڪري کي روڪڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويا آهن، جڏهن ته جعلي ٽڪيٽون خريد ڪندڙ اسٽيڊيم اندر پهچي ويا. ٽئين ۽ آخري ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾ جعلي ٽڪيٽون وڪرو ڪندڙن حد ڪري ڇڏي، جعلي ٽڪيٽ وٺندڙن کي هدايت ڪئي وئي ته هو رش ٽائم اسٽيڊيم ۾ داخل ٿين ته جيئن سندن ٽڪيٽ اسڪين نه ٿي سگهي، عملي اسڪيننگ روڪي ڇڏي، جنهن سبب هزارين جعلي ٽڪيٽون وٺندڙ اسٽيڊيم ۾ داخل ٿي ويا. سج لٿي کانپوءِ جڏهن حقيقي ٽڪيٽ هولڊر اسٽيڊيم پهتا ته کين داخلا ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. ڪيترائي اصلي ٽڪيٽ هولڊر انتظاميا کي ٽوڪيندا واپس هليا ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close