دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ون ڊي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ پاڪستان، ڀارت کان چوٿين پوزيشن کسي ورتي آهي. آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ پاڪستان چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته ڀارت هڪ درجو هيٺ لهي پنجين نمبر تي اچي ويو آهي. ويسٽ انڊيز خلاف ڪلين سوئيپ سبب قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رينڪنگ ۾ بهتري اچي وئي آهي، ون ڊي رينڪنگ ۾ نيوزيلينڊ 12 ون ڊي ميچون کيڏڻ کانپوءِ 1505 پوائنٽس سان پهرئين نمبر تي آهي. جڏهن ته ٻئي نمبر تي برطانوي ٽيم آهي، جنهن 19 ميچون کيڏيون ۽ 2 هزار 353 پوائنٽس حاصل ڪري ورتيون آهن.
اهڙي طرح آسٽريليا 18 ميچون کيڏيون ۽ 107 جي ريٽنگ سان 1929 پوائنٽس حاصل ڪيون، جنهن سان آسٽريلوي ٽيم رينڪنگ ۾ ٽئين نمبر تي اچي وئي. پاڪستان 19 ميچون کيڏيون ۽ 2005 پوائنٽون حاصل ڪيون ۽ 106 ريٽنگ جو حقدار آهي. 22 ميچون کيڏڻ جي باوجود، ڀارت 105 جي درجه بندي سان صرف 2,304 پوائنٽ اسڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ چوٿين پوزيشن تي هلي ڊلي ويو. اهڙي ريت پاڪستان چوٿين کان ڀارت کي پنجين نمبر تي ڌڪي ڇڏيو. واضح رهي ته پاڪستان گذريل ڏينهن ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي آخري ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 53 رنسن تان شڪست ڏني هئي.