رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ لا 56 لک ڊالر انعام ۾ ڏيڻ جو اعلان

ڪرڪيٽ جي عالمي تنظيم آئي سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ لا  56 لک ڊالر انعام ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا مطابق آئي سي سي مينز ڪرڪيٽ جي مختصر فارميٽ ۾ انعامي رقم جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ 17 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ ايونٽ جي ٽرافي کٽيندڙ فاتح ٽيم کي 16 لک ڊالر انعام ملندو، جيڪو 27 ڪروڙ 2 لک رپيا ٿئي ٿو. جڏهن تھ فائنل جي رنر اپ ٽيم 8 لک ڊالرن جي رقم کڻندي، سيمي فائنل هارائيندڙ 4،4 لک ڊالر انعام ۾ کڻي سگهندا. بيان موجب ايونٽ جي سپر 12 جي هر ميچ کٽيندڙ ٽيم کي 40، 40 هزار ڊالرن جو انعام ڏنو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button