
آسٽريلوي بلائينڊ ڪرڪيٽر تاريخ جي ٽرپل سينچري ٺاهي ورتي آهي. ميڊيا مطابق بلائينڊ ون ڊي ۾ اسٽيفن نيوزيلينڊ خلاف 309 رنسون ٺاهي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو آهي.رپورٽ چيو پيو وڃي آسٽريليا جي اسٽيفن نيرو 309 رنسون ٺاهي پاڪستان جي مسعود جان جو 262 رنسن وارو رڪارڊ ٽوڙيو آهي. جڏهن تھ مسعود جان 1998ع ۾ ڏکڻ آفريقا خلاف 262 رنسون ٺاهيون، سندس اهو رڪارڊ 24 سال قائم رهيو آهي.