
آسٽريليا جي فٽبال ٽيم فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق قطر ۾ رٿيل ميگا ايونٽ جي ڪواليفائر ميچ ۾ آسٽريليا پيرو کي شڪست ڏني آهي. ان کان اڳ آسٽريليا ۽ پيرو جي ٽيمن ۾ مقابلو برابر ٿيو، جنهن بعد پينلٽيز جي بيناد تي ميچ جو فيصلو ٿيو. آسٽريليا پينلٽيز تي پيرو جي ٽيم کي 4 جي ڀيٽ ۾ 5 گول ڪري فتح ماڻي. جڏهن تھ پينلٽيز دوران آسٽريليا جي ڪوچ ميچ جي آخري لمحي ۾ گول ڪيپر ريڊمائن ميدان ۾ آندو، جنهن اچي پيرو جو گول روڪي آسٽريليا کي ميچ کٽرائي ورلڊ ڪپ ۾ پهچائي ڇڏيو.