
ڏکڻ آفريقا جي اڳوڻي ڪرڪيٽر پوميليلا مٽشيڪوي کي فڪسنگ ڪيس ۾ 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ڏکڻ آفريقا جي اينٽي ڪرپشن يونٽ ٻڌڻي بعد پوميليلا مٽشيڪوي کي سال 2015ع دوران مٿس قائم فڪسنگ جي هڪ ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي قيد جي سزا ٻڌائي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ اڳوڻي ڪرڪيٽر ڪرڪيٽر پوميليلا مٽشيڪوي تي 2015ع ۾ ريم سليم ٽي 20 ميچ دوران فڪسنگ جو الزام هو.